بنيتا ناگپال

بنيتا ناگپال: ڀارت جي مشهور پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر بنيتا ناگپال جو اصل تعلق سنڌ سان آهي. هي انهن هندو سنڌي ڪٽنبن مان آهي، جيڪي ورهاڱي وقت لڏي هندستان هليا ويا هئا. هن جا ڊائريڪٽ ۽ پروڊيوس ڪيل 200 کن پروگرام سرڪاري توڙي نجي چئنلز جن ۾: دور درشن، زي ٽي وي، اسٽار پلس، سوني ٽي وي ۽ ٻين ڪيترن ئي چئنلز تان نشر ٿي چڪا آهن. جنهن تي کيس سنڌو رتن ۽ سويڌا گوروَ سميت ٻيا ڪيترائي اوارڊ ۽ انيڪ اعزاز پڻ ملي چڪا آهن. بنيتا ناگپال ڊاڪٽر چندو لال جئسنگهاڻي جي ناول ’ بگو باريسٽر‘ تي هڪ سنڌي ٽيلي فلم ’آنند ڪرپلاڻي جو خون‘ جي نالي سان ٺاهي، جيڪا 2002ع ۾ ڪيترن ئي چئنلز تان نشر ٿي. ان کان علاوه هن ’مستن جا ميلا‘ ۽ ’مٽي جي آ مهڪ‘ پڻ ٺاهي، جيڪي پڻ مقبول ٿيون. هن وقت سندس هڪ ڪتاب ’ماندي ٿي نه مارئي‘ (جيون ڪٿا) جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي ۽ پاڻ عملي زندگيءَ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان لاڳاپيل رهڻ جي ڪري ڀارت ۾ ئي مستقل رهائش اختيار ڪري چڪي آهي.


لفظ بنيتا ناگپالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو